جبل زيتون

جبل زيتون: جبل زيتون، يروشلم ۾ آهي. هن جبل کي عربيءَ ۾ ’جبل عط‘ ۽ عبراني ۾ ’هار هازيتم‘ چوندا آهن، هن جون ڪيتريون چن جي پٿر جون قطارون آهن، جيڪي پراڻي ييروشلم شهر جي اوڀر ۾ آهن، قدران جي ماٿري جي ڀر ۾ آهي، جنهن جو ذڪر بائيبل ۽ ٻين مذهبي ڪتابن ۾آهي، هيءَ جاءِ يهودين ۽ عيسائين لاءِ متبرڪ آهي. 1967ع واري فلسطين- اسرائيل جنگ کان پوءِ اسرائيل جي قبضي ۾ آهي. زيتون جبل جي چوٽي 2652 فوٽ ڏکڻ طرف آهي، وچين چوٽي 2645 فوٽ بلند آهي، اتي 2694 فوٽ بلنديءَ تي اسڪوپس چوٽي آهي، جنهن کي هار هازيتم ۽ عربي ۾ ’راسل مشرف‘ چيو وڃي ٿو.

بائبل ۾ سڀ کان پهريائين هن جو ذڪرجبل جي چاڙهي‘ (11 سيموئل 115) ۾ اچي ٿو، جبل زيتون جو ذڪر، پراڻي عهدنامي ۾ به اچي ٿو ته يسوع مسيح يروشلم ۾ پنهنجي زندگيءَ جي آخري هفتي جي شروعات ۾ داخل ٿيو. (ميٿيو: 1-21، مارڪ: 11.19) هن جي اڳڪٿيءَ يروشلم جو زوال ٻڌايو هو، جداس جي بيوفائيءَ کان اڳ هن باغ وٽ عبادت ڪئي هئي. (ميٿيو: 26، مارڪ: 14) اهو هنڌ، لاهين جي اولهه طرف ٻڌايو وڃي ٿو.

هڪ ٻيو روايتي هنڌ اسينشن به هن جبل تي آهي، جتي چوٿين صديءَ ڌاري ڪيترن ئي فرقن جا گرجا گهر ٺاهيا ويا. يهودين جي روايتن مطابق ميسياني عهد، هن جبل تان شروع ٿيندو هو. انهيءَ ڪري جبل جا لهوارا ميدان ڪيترن صدين کان يهودين جي پورڻ لاءِ ڪم اچن ٿا.



لفظ جبل زيتونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو